سوڍل فقير لغاري

سوڍل فقير لغاري

سوڍل فقير لغاري

سوڍل فقير لغاري (فنڪار): سنڌ جو ناميارو صوفي راڳي سوڍل فقير ولد علي بخش لغاري، 1959ع ڌاري، ديهه خيري ديري، تعلقي موري جي ڳوٺ ’لغاري بجراڻيءَ‘ ۾ ڄائو. سندس وڏا اصل ڪاڇي جي ڳوٺ چاڪر ڪوٽ، تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ جا هئا. مير ٺاري خان لغاريءَ جي فوج جا سپهه سالار هئا ۽ ان ئي دور ۾ لڏي اچي ديهه خيري ديري، تعلقي موري، ضلعي نوابشاهه (هاڻوڪي ضلعي نوشهري فيروز) ۾ پنهنجو ڳوٺ ’لغاري بجراڻي‘ نالي سان ٻَڌي اچي رهيا. هڪ ڀيرو ڳوٺ درياهه جي پائي وڃڻ ڪري ويجهو ئي ٻيهر ساڳئي نالي سان ڳوٺ آباد ڪيو ويو. سندس ڏاڏو محمد حسن، گهاگهر ۽ يڪتاري تي صوفياڻو راڳ ڳائيندو هو. سندس والد علي بخش لغاري، جيڪو هن وقت 80 سالن جي لڳ ڀڳ آهي، سو پڻ صوفي بزرگن جي درگاهن تي اڃا تائين صوفي راڳ ڳائي محفلون مچائيندو رهندو آهي. هن راڳ جي تعليم پنهنجي والد ۽ خاص ڪري احمد شاهه، ڳوٺ جوڻالي (تعلقي موري) کان ورتي.
سوڍل فقير لغاري 20 سالن جي عمر کان وٺي راڳ سان ناتو نڀائيندو پيو اچي. سنڌ جي تقريباً سمورن صوفي شاعرن- خاص ڪري شاهه لطيف، بابا بلهي شاهه، سچل سرمست، جانڻ فقير چن، رکيل شاهه، چيزل شاهه کانسواءِ، راشد مورائي ۽ ٻين شاعرن کي ڳايو اٿس. گذريل 10 سالن کان فن شناس شخص، محمد قاسم ماڪا جي پروگرام ’رنگ منچ‘ ۾ لڳاتار حصو وٺندو اچي. ماڪا صاحب پنهنجي ذاتي اسٽوڊيو ۾ هن کي رڪارڊ ڪري، سندس ڳايل صوفي ڪلامن جون 12، 13 ڪئسيٽون جاري ڪيون آهن، جن سنڌ ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي آهي. سوڍل فقير سنڌ جي سڀني ٽي. وي چئنلن تي ڳايو آهي. 1990ع کان ڳوٺان لڏي اچي گچيري روڊ، موري ۾ رهائش پذير ٿيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو